اسان بابت


ايڊيٽر : ياسر ٻٻر
روزاني امڪان اخبار 2009 ۾ سينيئر صحافي خادم حسين ملغاڻي شروع ڪئي . هي اخبار صرف ڪراچي شهر تائين محدود هوندي هئي جيڪا پوءِ 6 اپريل 2017 تي سنڌ جي نوجوان صحافي شيرمحمد المعروف ياسرٻٻر، جي مڪمل نگرانيءَ ۾ ڪراچيءَ کان ڇپجڻ شروع ٿي. اپريل، مئي، جون ۽ جولاءِ مهينا ڪراچيءَ ۾ ڇپجڻ کانپوءِ ”امڪان اخبار“ جو حيدرآباد ۾ نسيم نگر روڊ تي آفيس قائم ڪيو ويو، ڪراچيءَ ۾ اخبار جي ڇپائي بليڪ اينڊ وائيٽ صفحن تي ٿيندي هئي، جڏهن ته حيدرآباد چيپٽر طرفان 14 آگسٽ 2017 تي رنگين اخبار جي باقاعدگيءَ سان ڇپائي جو ڪم شروع ڪيو. اخبار هن وقت صرف چئن صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ پهريون دفعو نئون لاڙو متعارف ڪرائيندي، حيدرآباد ۽ خاص طور قاسم آباد ۽ آس پاس جي علائقن جي اشوز کي خاص ڪوريج ڏيندي واڌُو واھ ايڪسپريس جي نالي سان صفحو شايع ڪيو پيو وڃي، جنهن کي حيدرآباد شهر ۾ تمام گھڻي پذيرائي ملي آهي.
روزاني امڪان اخبار جو نيوز نيٽورڪ صوبي جي سڀني ضلعن ۽ تعلقن ۾ موجود آهي، روزانو هزارين ڪاپيون ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون، ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين اخبار جي عوامي انداز کي تمام گھڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. نيوز ٽيم جي مڪمل ڪوشش آهي ته هن اخبار کي ٻين اخبارن جي طرز کان هٽائي نوان لاڙا متعارف ڪرايا وڃن ۽ زميني حقيقتن کي ڳوڙي انداز سان رپورٽ ڪري انهن کي صحيح انداز ۾ ڪوريج ڏئي ايمانداري سان ماڻهن کي آگاھ ڪجي ته جيئن صوبي جي مظلوم ، بي پهچ عوام جي حقن کي مڪمل ترجماني ڪري سگھجي، اسين سمجھون ٿا ته روزاني امڪان اخبار”سنڌ جي نئين سڃاڻ“ طور سامهون آئي آهي.
اخبار جي ٽيم ۾ ، سينيئر ۽ نوجوان پروفيشنل دوست موجود آهن، مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ علم جا ورتل ڏينهن رات هڪ ڪري اخبار کي ڪراچي کان ڪشمور تائين پهچائن ٿا، سندن عزم آهي ته روزاني امڪان اخبار هڪ ڏينهن ضرور سنڌ جي ليڊنگ اخبار طور سامهون ايندي.
اخبار جو پبلشر نوجوان صحافي شيرمحمد المعروف ياسرٻٻر آهي، جيڪو گذريل 15 سالن کان مختلف سنڌي اخبارن انگريزي اخبارن ۽ اردو ٽي وي چينل ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي، جن ۾ سرِ فهرست روزاني تعميرِ سنڌ، روزاني شام، روزاني ڪاوش، سنڌٽي وي نيوز، پاڪستان پريس انٽرنيشنل (انگلش نيوز ايجنسي) ، روزاني بزنس رڪارڊر ۽ ڪيپيٽل ٽي وي شامل آهن.
هي اخبار ياسر ٻٻر جي ادارت ۾ نڪري رهي آهي، ياسر ٻٻر 2014 ۾ امريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان مليل فيلوشپ تحت امريڪا جو دورو ڪيو، جتي هُن 37 ڏينهن رهي ڪري وائٽ هائوس کان وٺي امريڪا جا الاهي اهم ادارا وزٽ ڪيا، امريڪا جي دوري دوران سندن ملاقاتون اتان جي ٿنڪ ٽينڪس جي سربراهن ۽ ماهرن سان ٿيون، کيس فيلوريڊا جي وڏي اخبار ”نيپلس ڊيلي نيوز“ ۾ لڳ ڀڳ ويھ ڏينهن انٽرنشپ ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ سندس اسٽوريز کي وڏين سرخين ۾ اُتان جي انگريزي اخبارن ۾ ڇاپيو ويو.
ياسر ٻٻر برٽس ڪائونسل فيلو به آهي، کيس برٽس ڪائونسل طرفان دبئي ۾ 8 ڏينهن جي جنرل رپورٽنگ تي ٽريننگ به ڪرائي وئي ان سان گڏوگڏ هن ڪيترن ئي ٻاهرن ملڪن جا دورا ڪيا آهن، پاڪستان ۾ ياسرٻٻر جون اسٽوريز نيوز لائين جهڙي انتهائي معتبر ”انگلش مئگزين“ ۾ به ڇپجنديون رهيون آهن، انگريزي اخبار ”دي نيوز“ جي ”سنڊي مئگزين“ ۾ ڇپجندڙ سندس نيوز اسٽوريز ۽ فيچر کي به تمام گھڻو ساراهيو ويو . ياسر ٻٻر پنهنجي صحافتي ڪيريئر ۾ 15 سالن ۾ سنڌ حڪومت جي معاملن ۽ سياسي اشوز تي تمام گھڻو ڪم ڪيو، ۽ انهن ٻن ويٽن تي کيس مڪمل عبور حاصل آهي.