پي ايس 55 جي تعليمي صورتحال تي هڪ نظر


ليکڪ : مھاديو مڪواڻو 2018-05-20 |   468 |
اسان جا ماڻھو ننگر پارڪر جو رخ صرف برساتن ۾ ڪندا آھن. جي برسات نه ٿي ته ڪنھن کي ياد ئي ناھي ھوندو ته ڪو ننگر پارڪر ۾ انسان به رھن ٿا ۽ انھن جون ڪي بنيادي ضرورتون به آھن. ننگرپارڪر، ٿرپارڪر جو اھو خوبصورت تعلقو آھي جيڪو برسات وسي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٿوري وقت ۾ پاڪستان جي سڀني رھواسين جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويندو آهي ۽ ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھو هيڏانهن جو رخ ڪندا آهن. اھو ئي وقت ھوندو آھي جڏھن سردارن ۽ پيرن، ميرن جا رابطا به مقامي ماڻھن سان برسات پوڻ سان شروع ٿيندا آھن جيڪڏهن انھن جي مھمانن جي رھائش جو بندوبست ڪرائڻو ھجي ته. ھونئن سڄي ٿرپارڪر جو حال ھڪ جھڙو آھي، پاڻي، صحت، تعليم جي معاملن ۾ فقط رڙيون ئي ٿي سگھيون آھن ۽ انتظاميه جي لاپرواھي اصل ڪا ڪسر ناھي ڇڏي ٿرين کي ننڌڻڪو ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. اسان ننگر پارڪر جي تعليم جي صورتحال تي نظر وجھنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته ننگرپارڪر کي اسان جي حڪمرانن ڪيئن ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آھي.ننگر پارڪر جي باري ۾ ھڪ چوڻي مشھور آھي ته ننگر پارڪر روز سوا سير سون ڏيندو آھي، ڪارونجھر جي باڪمال گرينائيٽ جي روز جي فروخت جو ملھ لڳائجي ته ان وقت جي سوا سير سون جي برابر ٿيندو آھي.مگر ڪنھن به صورت ان آمدني جو سڌي يا اڻسڌي طرح ڪو فائدو ننگر پارڪر جي عوام کي نه ٿي سگھيو آھي.
ننگرپارڪر ۾ ڪل 1068 اسڪول آھن جنھن مان 218 ڇوڪرن جا اسڪول آھن ۽ 236 ڇوڪرين جا اسڪول آھن جڏھن ته 614 اسڪول اھڙا آھن جن ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ٻنھي جي داخلا ٿيل آھي جيڪو ڪل اسڪولن جو تعداد 57 سيڪڙو ٿئي ٿو. 2600000 واري آبادي جي علائقي ۾ فقط 1068 اسڪول آھن ۽ اوني جھڙي ڳالھ ھي آھي ته 832 اسڪول اھڙا آھن جيڪي نالي ماتر کليل آھن ۽ 236 اسڪول مڪمل بند آھن مطلب 22 سيڪڙو اسڪول بند آھن جيڪو وڏو انگ آھي لاڳاپيل اداري جي انگ اکر مطابق 19 سيڪڙو(207اسڪول) عارضي طور بند آھن ۽ 3 سيڪڙو (29 اسڪول) مڪمل بند آھن . نياڻين جي تعليم تي هونئن به اسان جو ڌيان پورو پنو آھي. ان جو نتيجو ھي نڪتو آھي ته بند پيل236 اسڪولن مان 122 بند اسڪول ڇوڪرين جا آھن مطلب ته 52 سيڪڙو اسڪول نياڻين جا بند آھن. 106 اھڙا اسڪول بند آھن جن ۾ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ٻنھي جي داخلا آھي. مطلب ته ڪو ايجيوڪيشن اسڪولن جي بند ٿيڻ سان به وڌ کان وڌ نقصان ڇوڪرين جي تعليم کي رسيو آھي. اگر سيڪڙي جي حساب سان ڏسنداسين ته اھي اسڪول جن ۾ نياڻين جي تعليم ممڪن ھئي انھن مان به 79.1 سيڪڙو بند پيل آھن. 28 اسڪول ڇوڪرن جا به بند آھن. ان داخلا مان فقط ننگر پارڪر ۾ ڪل اڄ تائين گھٽ داخلا ٿي سگھي آھي جيڪو ھڪ وڏي آبادي واري علائقي جي حساب سان گھٽ آھي، ان داخلا مان فقط 37 سيڪڙو نياڻين جي داخلا آھي. ڪل ننگر پارڪر ۾ 231 گرلس پرائمري اسڪول آھن ۽ انھن مان به ا22 بند آھن جڏھن ته پوري تعلقي ۾ 5 گرلس مڊل اسڪول آھن. ننگرپارڪر ۾ عليحده گرلس ھاء اسڪول جو اڄ تائين وجود نه آھي، جڏھن ته ڪجھ نياڻيون بوائز ھاء اسڪول ۾ تعليم پرائي رھيون آھن. جيڪو انگ تمام ننڍو آھي ۽ ان جا سبب مختلف ٿي سگھن ٿا. پي ايس 55 ۾ گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول به نه آھي جڏھن ته فقط 8 اھڙا گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول آھن جن ۾ ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين جي داخلا به ٿيل آھي، ڪل 3 ھاء سڪول آھن جن ۾ 2 اسڪول بوائز ھاء اسڪول ۽ ھڪ ۾ نياڻين جي داخلا به ٿيل آھي. جي سڀني اسڪولن جي عمارتن ۽ سھولتن جي ڳالھ ڪجي ته اھا تمام ڏکوئيندڙ آھي. 93 سيڪڙو اسڪول اھڙا آھن جن ۾ بجلي نه آھي، 87 سيڪڙو ھلندڙ اسڪولن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سھولت نه آھي، 69 سيڪڙو اسڪول باٿروم جي سھولت کان محروم آھن جڏھن ته 65 سيڪڙو اسڪولن کي چوديواري ميسر ڪونھي. نياڻين جي اسڪولن ۾ 99 سيڪڙو بجلي جي سھولت ناھي، 95 سيڪڙو پاڻي ناھي، 78 سيڪڙو اسڪولن ۾ باٿروم ناھن ۽ 76 سيڪڙو اھڙا اسڪول آھن جن کي چوديواري ناھي. جي ڳالھ ڪنداسين استادن جي جيڪي پنھنجو فرض انجام ڏئي رھيا آھن انھن اسڪولن ۾ جيڪي کليل آھن، ڪل 777 ھلندڙ اسڪولن ۾ 1104 ڪل استاد آھن. انھن لاپرواھين جو نتيجو ھي آھي ته ٿر ۾ 22 سيڪڙو فيميل لٽريسي ريٽ آھي، ۽ آبادي جو ڪل 43 سيڪڙو آبادي عورتن جي آھي. 22 سيڪڙو لٽريسي ريٽ صوبي سنڌ جو ٽيون نمبر گھٽ لٽريسي ريٽ آھي!
اسان ايڪويھين صدي ۾ آھيون ۽ اسان جي تعليمي اداران جا ھي حال آھن، اسان اھڙي نظام جي زير پنھنجي مستقبل جي ھڪ نسل جي پرورش ڪري رھيا آھيون. اسان کي پنھنجي ادارن کان سوال ڪرڻا پوندا، انھن جي ڪارڪردگي ڏسڻي پوندي، اسان کي پنھنجي اسڪولن جي وارثي ڪرڻي پوندي، ٻارن کي ھڪ ڊگھي سفر لاء تيار ڪرڻو آهي ، اسان کي پنھنجي استادن جي عزت ڪرڻي پوندي، انھن کي اھو مان ڏيڻو پوندو جنھن جا اھي اصل حقدار آھن. ھن وقت ٿرپارڪر تمام وڏي پيماني تي تبديل ٿي رھيو آھي! ان قسم جي تبديلي جي ڊوڙ ۾ ٿرپارڪر جا نوجوان حصو به وٺي سگھن ۽ کٽي به سگھن، ان لاء ڏينھن رات محنت جي ضرورت آھي، ڪجھ ئي ايندڙ سالن ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جون اھم ترين صنعتن جو ٿرپارڪر مرڪز ٿيندو نظر اچي ٿو. ان چٽاڀيٽي ۾ اسان جا مقامي پيش ٿيل انگ اکر ٽڪاءُ نه ڪري سگھندا، انھن انگن کي تمام وڏي محنت سان تبديل ڪرڻ جي ضرورت آھي. جيڪو ٿر ۽ ان ۾ ادارن جي ڪارڪردگي نظر اچي ٿي ان جي سھاري مشڪل سان مقامي ماڻھو ٽڪاء ڪري سگھندو، ان ڪري ٿر ۾ جيڪو ڪجھ سالن ۾ ٿيندو مونکي نظر اچي پيو.