جنگشاهي واسين کي صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن


2017-12-24 |   148 |

چوندا آهن ته سٺي صحت ۽ تندرستي نيڪ نعمت آهي، جنهن کي پوري دنيا ۾ خاص اوليت ڏني ويندي آهي، دنيا جي ترقي يافته ملڪن اندر انساني صحت جي حوالي سان وڏا وڏا ميڊيڪل سينٽر توڙي ميڊيڪل ڪاليج جوڙيا ويا آهن، ته جيئن انهن مان عوام الناس کي سهولتون حاصل ٿين ۽ عوام الناس پنهنجي صحت کي تندرست رکي سگهن، انسان جي صحت تمام گهڻي اهم آهي، جيڪڏهن توهان صحتمند آهيو ۽ تندرست آهيو ته ڪجهه به ڪري سگهو ٿا، پر جيڪڏهن توهان بيمار ٿي پئو ته بيشڪ توهان کي گهر ويهڻو پئجي ويندو آهي، هن وقت صحت جي حوالي سان پوري دنيا جي ترقي يافته ملڪن اندر جيڪي قدم کنيا ويا آهن ۽ يا جيڪي مستقبل ۾ کڻڻ لاءِ تياريون هلي رهيون آهن، انهن جي ڀيٽ ۾ اسان جو ملڪ پاڪستان تمام گهڻو پوئتي نظر ايندو آهي، جيڪا ڳالهه ڪنهن کان لڪل ناهي، صوبي سنڌ جي ڳالهه ڪنداسين ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ ڄڻ صحت کي هڪ وسيع تر ڪاروبار بڻايو ويو آهي، پر ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڄڻ ته صوبائي صحت کاتو پهچي ئي ناهي سگهيو، پراڻي دور جيان اڄ به سنڌ جي ٻهراڙي ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا موجود آهن، جتي سرڪاري سطح تي صحت جون سهولتون نه هجڻ سبب رهواسي پراڻا طور طريقا استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن، هن جديد دور ۾ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن صحت جون سهولتون مهيا ناهن ڪيون ويون، سنڌ ۾ هن وقت صوبائي صحت کاتي سميت ڪيتريون ئي ملٽي نيشنل ڪمپنيون صحت جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، پر جي باوجود به گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ اندر صحت جي صورتحال ساڳي جو ساڳي آهي، گذريل ڏينهن امڪان اخبار ۾ جنگ شاهي رورل هيلٿ سينٽر بابت خبر شايع ڪئي وئي ته اتي صحت جون سهولتون مڪمل طور تي اڻلڀ آهن، جنهن ڪري اتان جي رهواسين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، رهواسين جو چوڻ آهي ته رورل هيلٿ سينٽر جنگ شاهي ۾ مقرر ڊاڪٽر ڊيوٽي ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهن، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي اسپتالن ۾ مقرر ڊاڪٽر پگهار ته سرڪار جي کڻن ته ٿا، پر ويهن وري سندن پرائيويٽ ڪلينڪن تي ٿا، اهو پڻ هڪ وڏو سبب آهي، جنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون مهيا نه پيون ٿين، ڪجهه ڏينهن اڳ اهي خبرون گردش ۾ رهيون ته ڪي پي ڪي حڪومت سرڪاري ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر جي پرائيويٽ ڪلينڪن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، ان جو سبب اهو هيو، جنهن بابت اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽر انسانيت جا دشمن بڻجي وڃن ته پوءِ عام ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟! پر جيڪڏهن صوبائي صحت متحرڪ رهندو ته ڊاڪٽر مجال ناهي ته هو ڊيوٽيون ڪرڻ بدران پنهنجو ڪاروبار مچائن، تنهن جي لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صوبائي صحت کاتي کي گهرجي ته وڏن وڏن هوٽلن ۾ صحت بابت سيمينار ڪرائڻ بدران سنڌ جي سمورين اسپتالن جي سار سنڀال لهي ڪري اتان صورتحال بهتر بڻائي ۽ سنڌ جي عوام کي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.